انتخاب سرائيڪي ڪلام از سچل سرمست

انتخاب سرائيڪي ڪلام: از سچل سرمست (ڪتاب): هي ڪرائون سائيز جو ڪتاب قاضي علي اڪبر درازيءَ جو ترتيب ڏنل آهي. ڪتاب ۾ سچل سرمست جي مختصر سوانح اردوءَ ۾ قاضي علي اڪبر درازيءَ جي لکيل آهي، جڏهن ته پيش لفظ سنڌيءَ ۾ عطا محمد حاميءَ لکيو آهي، جنهن بعد سچل جي سرائيڪي ڪلام جو انتخاب ڏنو ويو آهي. آخر ۾ علي اڪبر درازيءَ پنهنجي پڻ ڪجهه شاعري ڏني آهي.
ڪرائون سائيز جي 43 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب قاضي علي اڪبر درازيءَ 1973ع ۾ ڇپايو هو، جنهن جو هديو 2 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو